پڊعيدن (ن ع آ+پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ڊيمن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ تعلقي نوشهروفيروز طرفان پڊعيدن لڳ جلال جي اسٽاپ کان جلالجي چودڳي تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي، ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح ، عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو ، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عاطف ملاح عوامي تحريڪ ضلع نوشهروفيروز جي صدر لطيف ڀٽي، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي سيڪريٽري پره ملاح، علي نواز عالماڻي، عبدالسلام سومرو، ستار عمراڻي، سرور سنڌي ، محمد علي شاھ، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ ادي سهڻي سومرو، صدام سومرو، ڪئي ريلي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڪارو ڪاري جو دستور نامنظور نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا، بانو بلوچ جي قاتل قبائلي سردارن ۽ انهن جي سرپرست حڪمرانن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جا وسيلا ڦريا ۽ لٽيا ويا آهن. پنجاب نوان ڊيم اڏي سنڌو درياهه کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي