”فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي ڪري پاڪستاني دنيا ۾ ڪنڌ کڻي گهمي رهيا آهن“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد ٻاهر هجن يا ٻِرن ۾، انهن جو خاتمو ڪيو ويندو.
لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي حنيف عباسي چيو ته فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي ڪري پاڪستاني ڪنڌ کڻي دنيا ۾ گهمي رهيا آهن، پاڪستانين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، بهترين پرڏيهي پاليسي سبب دنيا پاڪستان جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڀارت زخم چَٽي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ريلوي جي بيوروڪريسي کي چوان ٿو ته ڪم ڪيو موڪل نه ملندي، وفاقي حڪومت پينشن ۽ پگهارن جو بار کڻي ته ريلوي کي منافعي بخش بڻائي ڇڏيندس، بزنس ٽرين جو 29 جولاءِ تي وزيراعظم افتتاح ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.