پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي پاڪ – چين دوستي جي نظر سان نه ڏٺو وڃي: اسحاق ڊار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رکي ٿو، آمريڪا سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو پر انهن لاڳاپن کي چين سان دوستي جي نظر سان نه ڏٺو وڃي.
نيو يارڪ ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي کي رڳو بيانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻا پوندا، فلسطين ۽ ڪشمير پراڻا تڪرار آهن، جن جو حل عالمي امن لاءِ اڻٽر آهي.
هن چيو ته او آءِ سي دنيا جي ٻي وڏي تنظيم آهي، ان جو ڪردار هاڻي رڳو علامتي نه پر فيصلائتو هجڻ گهرجي، فلسطين جي مسئلي جو واحد پائيدار حل ٻه رياستي فارمولو آهي، فلسطيني عوام لاءِ فوري جنگ بندي ۽ انساني امداد جي بنا روڪ فراهمي ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، دعوت ملي ته ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪشمير مسئلي جو حل علائقي ۾ ترقي، سياحت ۽ سيڙپڪاري جا در کولي سگهي ٿو.
اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا ٽياڪڙي ڪري ته پاڪستان تيار آهي پر ڀارت جي رضامندي ضروري آهي، جيڪڏهن آمريڪا ڪشمير تي عملي ڪردار ادا ڪري ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رکي ٿو، ڪنهن به بلاڪ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي.
نائب وزيراعظم چيو ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جلد ايران جي صدر طرفان پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي، ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير رابطي ۾ آهن، پاڪستان ۽ عرب دنيا جا لاڳاپا تاريخي، مضبوط ۽ هر شعبي ۾ ويجها آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.