اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ چوماسي جو نئون سلسلو 28 جولاءِ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي موجب 28 کان 31 جولاءِ دوران اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 29 کان 31 جولاءِ ۽ سنڌ ۾ 30 ۽ 31 جولاءِ تي برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪجهه هنڌن تي طوفاني برساتون به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي مقامي ندي نالن ۾ چاڙهه جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جڏهن ته شهري ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي.
موسميات کاتي مٿانهن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي به تنبيهه جاري ڪندي سياحن ۽ مسافرن کي سفر کان اڳ موسم جي صورتحال ڏسي منصوبو جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like