اسلام آباد: گڏهن جو گوشت هٿ اچڻ جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سنگجاڻي ٿاڻي جي حدن مان گڏهه جو گوشت ملڻ جي معاملي تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب ترنول جي علائقي ۾ گڏهه جي گوشت لاءِ سلاٽر هائوس ٺاهيو ويو هو ۽ پرڏيهي شهرين سلاٽر هائوس هڪ مقامي شخص سان گڏجي ٺاهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سلاٽر هائوس ۾ گڏهه ڪُهي گوشت ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو ويندو هو، گوشت جو هڪ حصو پاڪستان ۾ پرڏيهي شهرين کي موڪليو ويندو هو ۽ وڌيڪ گوشت ۽ کلون ٻاهرئين ملڪ سپلاءِ ڪيون وينديون هيون.
ذريعن موجب گڏهن کي ڪُهڻ لاءِ ڪاسائي به ٻاهرئين ملڪ مان گهرايو ويو هو ۽ گڏهه جي گوشت لاءِ سلاٽر هائوس هلائيندڙ ٻه پرڏيهي گرفتار آهن، سلاٽر هائوس مان 14 گڏهن جي باقيات ۽ 45 گڏهه جيئرا برآمد ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏهن جي گوشت جي مقامي مارڪيٽن ۾ سپلاءِ جون شاهديون ناهن مليون.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد فوڊ اٿارٽي ترنول ۾ ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ گڏهه ۽ 25 مڻ گوشت برآمد ڪيو هو.
موقعي تي موجود پرڏيهي شهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اٿارٽي جي ترجمان موجب گڏهه جي گوشت جي پهچ بابت جاچ جاري آهي ۽ سپلاءِ ۾ ملوث مقامي ماڻهن جو پتو لڳايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.