ليڊز (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان چيمپيئنز ويسٽ انڊيز پاڪستان چيمپيئنز کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي.
ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن تي 200 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ڪامران اڪمل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 62 بالن تي 113 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان محمد حفيظ 23 ۽ شرجيل خان 21 رنسون ٺاهيون.
هدف جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان رومان رئيس 3 اوورن ۾ رڳو 4 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عامر يامين ۽ سهيل تنوير 2-2 شڪار ڪيا.
You might also like