شوقينن لاءِ خوشخبري، ايشيا ڪپ کان اڳ شارجا ۾ ٽي ملڪي سيريز ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ کان اڳ ايندڙ مهيني شارجا ۾ پاڪستان ٽيم ٽي ملڪي سيريز کيڏندي.
پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي ٽيم وچ ۾ سيريز ٿيندي، جنهن جي شيڊيول جو اعلان ٿيڻو آهي.
افغانستان جي ٽيم کي پاڪستان اچي سيريز کيڏڻي هئي پر هاڻ يو اي اي کي شامل ڪري ان کي ٽي ملڪي سيريز جي شڪل ڏني وئي آهي.
ايشيا ڪپ جي تيارين لاءِ اها سيريز شارجا ۾ کيڏڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.