روسي راڪيٽ هڪ ايراني مواصلاتي سيٽلائيٽ کي خلا ۾ موڪلي ڇڏيو، جيڪا ايران جي خلائي پروگرام جي تازي ترين ڪاميابي آهي، اهو هڪ اهڙو پروگرام آهي، جيڪو ڊگهي عرصي کان اولهه حڪومتن لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سرڪاري ٽيلي ويزن چيو ته ناهيد – 2 مواصلاتي سيٽلائيٽ کي روس جي ووسٽوچني ڪاسمودروم مان هڪ سويوز راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو.
ٽي وي چينل وڌيڪ ٻڌايو ته اهو سيٽلائيٽ، جنهن جو وزن 110 ڪلو گرام آهي، ايراني انجنيئرن ڊيزائن ۽ تيار ڪيو آهي.
اولهه حڪومتون ڊگهي عرصي کان ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪنديون رهيون آهن ته ايران جي خلائي پروگرام ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي ترقي ان جي بيلسٽڪ ميزائلن کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
اها لانچ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ايران ۽ برطانيا، فرانس ۽ جرمني ۾ جوهري ڳالهيون استنبول ۾ شروع ٿيون آهن.
Prev Post
You might also like