ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جو منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي.
ٽنڊي ڄام ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پڪا گهر ٺاهڻ جو چيو، ورلڊ بينڪ سميت ٻين ادارن سان گهر ٺاهڻ لاءِ ڳالهايو، سنڌ حڪومت متاثرن کي مفت گهر ٺاهي ڏنا.
هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت سولر سسٽم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪنداسين، صحت جي شعبي ۾ پ پ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو پاڪستان ۾ ڪنهن ناهي ڪيو، اين آءِ سي وي ڊي ۾ هر ڪنهن لاءِ مفت علاج جي سهولت آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن جي خدمت ڪئي، صدر زرداري پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، 18هين ترميم سان صوبن کي خود مختياري ملي، صدر زرداري صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته هڪ شخص 50 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو پر ان تي عمل نه ٿيو.
You might also like