*جيڪي ٻين کان الڳ ٿلڳ ھوندا آھن ، تن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کي وڙھڻو پوندو آھي.
*ھر ڪوئي پنهنجي نارمل تي ٽِڪ ٻڌيون بيٺو آھي… ھي به نارمل ئي آھن، جيئن توھان جي نارمل جو تصور پنهنجو آھي، تيئن ئي ھنن جو نارمل پڻ پنهنجو آھي .
*توکي ننڍي لاڪون ڪاوڙ ڪرڻ تي اچي ٿي،
پر ٿورڙي ڪوشش ڪري ڏس، پرچائڻ به سکي ويندين…!
جڏھين ڪنهن کان هميشه لاءِ ڏور ٿين ته موڪلائڻ وقت آخري سلام ضرور ڪجانءِ
مٿيان ڪجهه ڊائيلاگ آھن عامر خان جي تازو آيل فلم ”ستاري زمين پر“ جا
عامر خان جڏھن عام ماڻهو بڻجي ايندو آھي، تڏھن واقعي ڪجهه مختلف سرجيندو آھي، ھو جڏھن به سماجي موضوعن جي چونڊ ڪندو آھي، تڏھن ڀرپور انداز سان ان تي اثرانداز ٿيندو آھي.
ھونئن هن وقت کيس اھڙي فلم جي سخت گهرج ھئي، نه رڳو کيس، پر فلمي شوقينن کي پڻ اھڙي فلم جي ضرورت ھئي جنهن تي ٽهڪ به ڏئي سگهجن، لڙڪ به لاڙي سگهجن ۽ انهن ماڻهن بابت ويچارجي، جن کي اسان ڌڪاري ڇڏيندا آهيون، وساري ڇڏيندا آهيون…!
ھو اڳ ۾ به”تاري زمين پر“جهڙي فلم ٺاهي چڪو آھي، اھو سندس خوبصورت ترين وقت ھو، جڏهن سندس فلمون عوامي راءِ جي نمائندگي ڪنديون هيون.
پوءِ ھو رستي تان ٿڙي ويو يا پنهنجي ئي ٺاهيل فارمولي کان هٽي ويو، يا شايد اھو وساري ويٺو ته کيس عام ماڻهوءَ منجهه مقبوليت ڇو ملي هئي.
ماڻهن کي ھو ”لگان“، ”رنگ دي بستي“ ۽ ”منگل پانڊي“ جهڙن ڪردارن ڪري پنهنجو ڀاسندو ھو جڏھن ھن ”ٺگز آف ھندوستان“ جهڙين فلمن جي چونڊ ڪئي ته ھو پنهنجي سرڪل کان ڏور ٿيندو ويو ايترو ڏور جو کيس واپسيءَ ۾ ڪيئي ورھيہ لڳي ويا…!
خير، هيءَ فلم به اسپيشل ٻارن جي چوڌاري ڦري ٿي، خاص طور تي ”ڊائون سينڊروم“ ۽ ”آٽزم“ جهڙين طبي مسئلن تي روشني وجهي ٿي، موسيقي جيتوڻيڪ ”تاري زمين پر“ جهڙي ناهي، پر پوءِ به ڪٿي جذباتي ڪريو ڇڏي .
فلم ۾ عامر (گلشن اروڙا) جي نجي زندگي به ڏاڍي پيچيدا آهي، ننڍپڻ ۾ سندس پيءُ کيس ڇڏي ويو (پس منظر نه ڄاڻايو ويو آهي)، تنهنڪري هو ڪنهن رشتي تي ڀروسو نه ٿو ڪري.
گلشن سمجهي ٿو ته سمجهي ٿو ته هر ڪوئي کيس پيءُ جيان ڇڏي ويندو ۽ ان کان اڳ جو ڪير کيس ھيکلو ڪري وڃي هو پاڻ ئي ان کي ڇڏي ڏيڻ کي بهتر سمجهي ٿو، ان عجيب ذھني مونجهاري سبب ھو جئنيليا ڊي سوزا ( سنيتا) جهڙي ڌرم پتنيءَ کان به پري ٿي وڃي ٿو…!
ھونئن ته ھو زبردست قسم جو باسڪيٽ بال ڪوچ آھي، انداز ٻين کان مختلف، پر پنهنجي قد جي ڪري به احساسِ ڪمتريءَ ۾ وڪوڙيل رهي ٿو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
چيڙاڪ ھئڻ ڪري پنهنجي سينيئر ڪوچ سان اٽڪي پئي ٿو ۽ کيس ڀر ڪري چماٽ وھائي ڪڍي ٿو، ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ لاءِ شراب پي گاڏي ڪاھي نڪري پئي ٿو، رستي ۾ پوليس جي گاڏيءَ کي ٽڪر ھڻي وري آڪڙجي چوي ٿو: ”اھا ڪهڙي فضيلت آھي، ڪير وچ روڊ تي گاڏي پارڪ ڪندو آھي؟“
معاملو عدالت پهچي ٿو، جتي کيس غلطي سڌارڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ھن کي ٽن مهينن لاءِ اسپيشل ٻارن جي ڪوچنگ ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي ۽ اُتان کان فلم جي اصل ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي.
فلم جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌي ٿي، ڪهاڻي بابت گهڻي قدر فلم ھلڻ سان ئي پتو پئجي وڃي ٿو ته ھاڻي ڇا ٿيندو، پر ھن فلم جو ڪلائمڪس هندي سئنما جي ابتڙ ھو..
۽ اھا ئي شيءِ ”ستاري زمين پر“ کي ٻين کان مختلف بڻائي ٿي .
”ستاري زمين پر“ عامر خان جو اهو فارمولو آهي جيڪو سندس گهڻين فلمن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو… يعني سماج ۾ نظرانداز ڪيل موضوعن ۽ مسئلن جي نشاندهي ۽ پوءِ ان بحث جا در کولڻ.
سو جتي شدت پسنديءَ جو راڄ هجي، بائيڪاٽ لاءِ ڀاڙيتا جٿا تيار هجن ۽ هر ڪو پاڻ کي سٺو ڀڳت ثابت ڪرڻ ۾ لڳل هجي؛ جتي محبتن بدران نفرتن جا ٻج پوکيا وڃن، جتي مرڪن بدران ميزائلون فلمن جو موضوع هجن اتي عامر خان جهڙي فنڪار جي ”ستاري زمين پر“ واقعي هڪ وقتائتي فلم چئبي، فلم ھڪ ڀيرو ته ڏسڻ جوڳي اٿوَ عامر نه صحيح انهن اسپيشل ٻارن جي ڪري ته ڏسي سگهجي.