ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت کي زهر ڏئي مارڻ جو الزام، 2 جوابدار گرفتار

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ۾ ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پراسرار نموني فوت ٿي وئي، سندس وارثن زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، پوليس ٻن جوابدارن کي شڪ جي بنياد تي =گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، گهوٽڪي جي حسين ٻيلي روڊ تي بگي واهه محلي واسڻ ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پرسرار نموني فوت ٿي وئي، سندس لاش وارثن پاران لوڊر رڪشا تي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪرايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتولا جي ڌي الزام هڻندي چيو ته سندس والده کي علي رضا ۽ عمران علي راجپوت پاران زهر ڏئي ماريو ويو آهي، ڄاڻايل جوابدار مقتولا کي شادي ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا، شادي نه ڪرڻ تي زهر ڏنو ويو آهي، هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي علي رضا ۽ عمران راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ته عورت طلاق يافته هئي، هو پنهنجي مائٽن وٽ رهندي هئي، وارثن جي بيانن مطابق جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پاران موت کان اڳ وڊيو بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته علي رضا مون کي هراسان ڪري ٿو، مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار علي رضا هوندو، اهڙي ريت ٽڪ ٽاڪر جي موت واري واقعي بعد سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.