تحريڪ انصاف جو اڳواڻ نوابزاده محسن علي خان نواز ليگ ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير نوابزاده محسن علي خان ملاقات ڪئي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نوابزاده محسن علي خان پنهنجي پٽ شهريار ۽ ڪيترن ئي ساٿين سميت پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پڻ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نوابزاده محسن علي خان جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پاليسين کي فروغڏيڻ ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀلائي ۽ اتي امن امان جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.