فيلڊ مارشل جون چيني سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون، مضبوط اتحاد جو عزم

بيجنگ(م ڊ) فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چين جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ پاڪ-چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق، فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير بيجنگ ۾ چين جي نائب صدر هان زينگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سان به ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي ٻيهر تصديق ڪئي وئي. انهن ملاقاتن دوران علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي ۽ گڏيل جيوپوليٽيڪل چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملين تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌرين لاڳاپن جي گهراين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق، ملاقاتن دوران خودمختياري، گهڻ رخا تعاون ۽ ڊگهي مدي واري علائقائي استحڪام لاءِ عزم ورجايو ويو. چيني قيادت پاڪستاني فوج کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ضامن ۽ هڪ مضبوط قوت قرار ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب هائبرڊ ۽ سرحد پار خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل هم آهنگي ۽ اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. چيني عسڪري قيادت پاڪ-چين دفاعي ڀائيواري تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.