مٺي(ن ع آ) ارباب لطف الله پھريون دفعو ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جي پٽ راھول جيوڻ سان گڏجي ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون شروع ڪري ڇڏيون،گذريل ڏينھن ارباب لطف الله ۽ راھول جيوڻ گڏجي ڳوٺ ھوٿيئر ۾ ڳوٺاڻن کي خطاب ڪيو،انھي موقعي تي پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله چيو ته پلاٽن تي قبضا ڪرائڻ،ٺيڪا کڻي ٺڳيون ڪري آفيسرن پويان لڪڻ اسان جي سياست ناھي،اسان ھميشه راڄن کي ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،اڄ مون ۽ ڊاڪٽر کٽومل جي پٽ راھول جيوڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته پنھنجن ماڻھن جي ھرھنڌ مالڪي ڪنداسين،ھن چيو ته اسان ۽ ڊاڪٽرکٽومل جيوڻ سياسي مخالف رھياسين پر ڪڏھن به راڄن کي ويڙھائي سياست ناھي ڪئي،اڄ اسان گڏجي عھد ڪيون ٿا ته ھاڻي عوام جي ھر سڏ ۾ سڏ ڏبو،اسان حڪومت جي پاور تي آفيسرن جي آڙ وٺي ڪنھن به غريب ماڻھن جي زمينن تي قبضا نه ڪيا آھن ۽ نه ڪنھن سان زيارتي ڪئي آھي آئون ۽ منھنجو ڀاءُ راھول جيوڻ انھن مان نه آھيون جو اپوزيشن جي وقت پردي پويان حڪومتي ڌر سان معاملات طئي ڪري ٺيڪا ۽ مختلف ڪاروبار ڪيا ھجن،اسان لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي برابر آھن،اسان ٿر جي ماڻھن جي بغير ڪنھن ذات پات ۽ فرق جي ھميشه خدمت ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين دنيا ڪن کولي ٻڌي ھاڻ اسين ڪنھن سان زيارتي ڏاڍ برداشت نه ڪنداسين.