امان نه رني، نه ڊني، پر بھادري سان جان ڏني: بانو جو پٽ

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ جرڳي ذريعي قتل ڪيل بانو بي بي جي ٻارن ۽ پڦي ميڊيا آڏو اچي ڪيترائي اهم ۽ جذباتي انڪشاف ڪيا آهن، سندن مطابق، بانو بي بي کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي چڪو هو ۽ هوءَ پاڻ پنهنجي جان وٺڻ چاهيندي هئي، پر کيس ڀڙڪايو ويو ۽ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو، بانو بي بي جي وڏي پٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امان نه رني، نه ئي ڊني، پر وڏي همت سان پنهنجي جان ڏني، هن ٻڌايو ته والده ويندي وقت وصيت ڪري وئي هئي ته پنهنجو ۽ والد جو خيال رکجو، سندس ننڍي پٽ، ذاڪر احمد، جنهن جي عمر صرف ڇهه سال آهي، جنهن معصوماڻو بيان ڏنو ته امان حج ڪرڻ وئي آهي، مقتولا جي ڀيڻ چيو ته بانو کي محسوس ٿي ويو هو ته هن کان غلطي ٿي آهي، هوءَ خاندان ۽ قبيلي آڏو شرمندهه هئي ۽ چئي رهي هئي ته کيس پسٽل ڏنو وڃي، ته جيئن هوءَ پاڻ کي ماري سگهي، پر احسان الله کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.