صدر آصف علي زرداري 70 سالن جو ٿي ويو، سالگرهه تقريبون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) صدر مملڪت آصف علي زرداري اڄ 70 ورهين جو ٿي ويو آهي، سندس 70 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، سالگرهه جي موقعي تي پ پ پاران تقريبون رٿيون ويون آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ تقريبون ڪوٺائي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ ۽ صدر جي صحت ۽ تندرستي جي دعائون گهريون وينديون، پ پ ڏکڻ پنجاب اعلان ڪيو آهي ته 26  جولاءِ 2025 تي صدر آصف علي زرداري جي 70هين سالگرهه جو پرجوش جشن ملتان سميت ٻين شهرن ۾ منعقد ڪيو ويندو، لاهور ۾ به پ پ سينٽرل پنجاب پاران فلٽيز هوٽل ۾ سيمينار رکيو ويو، جنهن جي صدارت اڳوڻو وزير اعظم راجا پرويز اشرف ڪندو ۽ تقريب ۾ صدر جو سالگرهه ڪيڪ ڪٽيو ويندو، ٻي پاسي قادر پٽيل صدر زرداري کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته صدر زرداري جي قيادت هميشه ملڪ ۽ قوم لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي، سندس سياسي بصيرت ساراهه جوڳي آهي، صدر زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان اهم مرحلا طئي ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.