اجرڪ واري نمبر پليٽ لاءِ گهر ويٺي درخواست ڪيئن ڏجي؟

سنڌ حڪومت پاران پنهنجي گاڏين لاءِ اجرڪ واريون نمبر پليٽون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي هر گاڏي جي مالڪن لاءِ اجرڪ جي ڊزائن واريون نمبر پليٽون لڳائڻ انتهائي ضروري ٿي ويو آهي.

ڇو ته اجرڪ جي ڊزائن واري نمبر پليٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ڳرا ڏنڊ لڳي سگهن ٿا.

هتي نه رڳو اجرڪ جي ڊزائن واريون نمبر پليٽون پر سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز واري کاتي پاران جاري ڪيل اصل حڪومتي نمبر پليٽون لڳائڻ ئي لاڳو ڪيو ويو آهي. اهڙي ڏس ۾ ڪارن توڙي موٽرسائيڪل مالڪن جي لاءِ اهي نمبر پليٽون ماڻڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو آهي.

موٽرسائيڪل، ڪار توڙي ٻي ڪنهن به گاڏي جي لاءِ کاتي جي آفيس وڃي توڙي آن لائين درخواست جي ذريعي به نمبر پليٽ طلب ڪري سگهجي.

هتي اسان اوهانکي گهر ويٺي سنڌ حڪومت کان نمبر پليٽ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقو ٻڌائينداسين.

جيڪي ماڻهو اجرڪ وار ڊزائن واريون نمبر پليٽون ماڻڻ جي درخواست گهر ويٺي ڏئي سولائيءَ سان گهرائڻ چاهين ٿا ته انهن کي سنڌ ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ taxportal.excice.gov.pk  تي وڃي پنهنجو فون نمبر ۽ گاڏي جو نمبر داخل ڪرڻو پوندو.

انکانپوءِ نمبر پليٽ واري آپشن تي ڪلڪ ڪري پنهنجو نالو، ايڊريس ۽ گهربل ضروري ڄاڻ ڀري، PSID  جنريٽ ڪري. انکانپوءِ آن لائين يا بينڪ جي ذريعي ادائگي ڪرڻي پوندي.

موٽرسائيڪل جي نئين نمبر پليٽ جي حڪومتي فيس 1850 رپيا آهي، جڏهن ته ڪار جي نمبر پليٽ جي فيس 1950 پيا آهي.

اهڙي درخواست کانپوءِ توهان جي ڏنل فون نمبر تي ميسيج جي ذريعي توهان کي آگاهي ملي ويندي ته توهان جي نمبر پليٽ تيار ٿي وئي آهي ۽ انکانپوءِ توهان پنهنجي نمبر پليٽ سولائيءَ سان مقرر ڪيل مرڪز تان حاصل ڪري سگهي ٿو.

ساڳئي جاءِ تي توهان جيڪڏهن پاڻ وڃي ڪري نمبر پليٽ وٺڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڪراچي ۾ موجود سِوِڪ سينٽر يا پنهنجي علائقي ۾ موجود ايڪسائيز جي آفيس ۾ وڃي، گاڏي جا ڪاغذ، اصل شناختي ڪارڊ ۽ موبائل نمبر سان گڏ درخواست ڏئي سگهجي ٿي.

انکانپوءِ توهان فيس جمع ڪرائڻ کانپوءِ هڪ رسيد ملندي جنهن کانپوءِ ساڳئي ئي ريت توهان کي موبائل تي پيغام ملي ويندو جنهن کانپوءِ توهان پنهنجي نمبر پليٽ حاصل ڪري سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.