عام طور تي جڏهن ماهرن يا سائنسدانن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته ماڻهو ٿامس ايڊيسن (بجلي جو بلب)، اليگزينڊر گراهم بيل (ٽيليفون)، ۽ ليونارڊو ڊا ونچي جا نالا ضرور وٺن ٿا. پر ميـري اينڊرسن يا اين سوڪاموتو جهڙيون عورتون، جن دنيا کي تبديل ڪندڙ ايجادون ڪيون، اڪثر ماڻهن لاءِ اڻڄاتل رهنديون آهن.هي عورتون اهڙيون ايجادون کڻي آيون آهن، جيڪي اڄ به اسان جي روزاني زندگيءَ جو حصو آهن.
اچو ته ڪجهه اهڙين عورتن بابت ڄاڻون جن جي ايجادن اسان جي زندگين کي سولوبڻائي ڇڏيو:
- گريس هوپر : ڪمپيوٽر سافٽويئر جو انقلاب
ٻي عالمي جنگ دوران آمريڪي بحريا ۾ شامل گريس هوپر، مارڪ ون ڪمپيوٽر لاءِ ڪم ڪيو. هن هڪ اهڙو ڪمپائلر تيار ڪيو جيڪو انساني هدايتن کي مشين جي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگھي. "ڊي-بگنگ” جو اصطلاح به گريس هوپر متعارف ڪرايو، جيڪو اڄ جا پروگرامرز استعمال ڪن ٿا.
- ڊاڪٽر شرلي اين جيڪسن : ڪالر آئي ڊي ۽ ڪال ويٽنگ جي موجد
امريڪي فزيسسٽ ڊاڪٽر شرلي جي 1970ع واري تحقيق ڪالر آئي ڊي ۽ ڪال ويٽنگ زريعي ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ فڪس، فائبر آپٽڪس، ۽ سولر سيل جهڙين ايجادن لاءِ واٽ ٺاهي.
- ميـري اينڊرسن:گاڏين لاءِ وائپر جو ايجاد ڪندڙ
1903ع ۾ نيويارڪ وڃڻ دوران، ميـري ڏٺو ته ڊرائيور برف هٽائڻ لاءِ بار بار شيشو کولن پيا. هن لوھ ۽ رٻڙ مان هڪ وائپر تيار ڪيو، جيڪو گاڏي جي اندران کان اسڪرين صاف ڪرڻ جي قابل هو.
- اولگا گونزاليز سانبريا: خلائي بيٽري جي موجد
پورٽو ريڪو سان تعلق رکندڙ اولگا، 1980ع ۾ نڪيل : هائڊروجن بيٽري ايجاد ڪئي، جيڪا انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن لاءِ توانائي فراهم ڪري ٿي.
- جوزفن ڪوڪرن : ڊش واشر جي ايجاد ڪندڙ
جوزفن، جيڪا پارٽين جي ميزباني ڪندي هئي، هڪ اهڙي مشين چاهيندي هئي جيڪا ٿانو صاف ڪري، سو هن پريشر سان هلندڙ پهريون خودڪار ڊش واشر ايجاد ڪيو. اڄ هر گهر ۾ موجود آهي.
- ميـري وان برٽن براون :گهر جي سيڪيورٽي سسٽم جي موجد
نرس ميـري، گھر ۾ اڪيلي هجڻ سبب پهريون هوم سيڪيورٽي سسٽم ٺاهيو. ان ۾ ڪئميرا، اسڪرين ۽ الارم شامل هئا، جيڪو دروازي تي لڳايو ويندو هو. هن اهم ايجاد ماڻهن جي حياتي بچائي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ وڏن ادارن کان وٺي عام گهرن تائين ماڻهو سيڪيورٽي سسٽم رکي ٿو.
- اين سوڪاموتو : اسٽيم سيل تي تحقيق
1991ع ۾ اين سوڪاموتو اسٽيم سيلز تي اهم تحقيق ڪئي، ان کانپوءِ ڪينسر جي مريضن جي رت جي سسٽم کي سمجهڻ ۾ مدد ملي، جنهن ڪينسر جي علاج لاءِ نوان رستا کوليا. اڄ به هو 7 کان وڌيڪ ايجادن ۾. حصيدار آهي.
- اسٽيفني ڪوالڪ : بلٽ پروف جئڪيٽ لاءِ فائبر جي ايجاد ڪندڙ
1965ع ۾ اسٽيفني هڪ فائبر ايجاد ڪيو جيڪو لوهه کان پنج ڀيرا وڌيڪ مضبوط هو، ۽ اڄ به بلٽ پروف جئڪيٽن، فونز، ۽ هوائي جهازن ۾ استعمال ٿئي ٿو.
- الزبٿ ميگي: مونوپولي بورڊ گيم جي خالق
مونوپولي گيم جو اصل خيال الزبٿ ميگي جو هو، جنهن 1904ع ۾ "لئنڊلارڊس گيم” طور پيش ڪيو. بعد ۾ پارڪر برادرز هن کي مارڪيٽ ڪيو، ۽ صرف 500 ڊالرن ۾ ميگي کان حق خريد ڪيا ويا.
اهي سڀ عورتون نه رڳو پنهنجي دور جون ذهين ترين عورتون هيون، پر سندن ايجادون اڄ به اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻيل آهن.