لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ وزيراعليٰ انٽرن شپ پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي.
پنجاب وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ٻئي مرحلي ۾ 2 هزار زرعي گريجوئيٽ انٽرنز کي ماهوار 60 هزار رپين جو وظيفو ڏنو ويندو.
جاري ڪيل بيان موجب، زرعي انٽرن شپ پروگرام لاءِ هر ضلعي ۾ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
مريم نواز چيو ته پاڻي ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ”ڪسان ڪارڊ پروگرام“ ڪاميابيءَ جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”گرين ٽريڪٽر“ ۽ ٽيوب ويل سولرائيزيشن پروگرام ڪاميابيءَ سان جاري آهن ۽ هارين کي هڪ ئي ڇت هيٺ سڀ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.