ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جو اڳوڻو چيف جسٽس اي بي ايم خيرالحق کي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پوليس خيرالحق کي گهران گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
اڳوڻي جج خيرالحق گذريل سال شاگرد تحريڪ دوران هڪ نوجوان جي قتل جي ڪيس ۾ نامزد آهي، اهو ڪيس بنگلاديش نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طرفان داخل ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه سميت 465 ڄڻا نامزد آهن.
ياد رهي ته خيرالحق خلاف بغاوت ۽ فراڊ سميت 3 ڪيس داخل آهن.