هڪ اننگز ڪيئي رڪارڊ چٽ، روٽ تاريخ جو عظيم ترين بيٽر بڻجي ويو

مانچيسٽر (ويب ڊيسڪ) مانچيسٽر ٽيسٽ ۾ ڀارت خلاف 120 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهندڙ انگلينڊ جي بيٽر جوءِ روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
جوءِ روٽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ کان اڳتي نڪري ويو، جنهن 168 ٽيسٽن ۾ 13 هزار 378 رنز ٺاهيون هيون ، جڏهن ته جوءِ روٽ روٽ اِهو رڳو 157هين ٽيسٽ ۾ سندس رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ياد رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 15 رانديگر 10 هزار يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهي چڪا آهن.
ڀارت جو سچن ٽنڊولڪر 200 ٽيسٽ ميچن ۾ 15 هزار 921 رنسن سان پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو يونس خان 10 هزار 99 رنز سان 10 هزار يا ان کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ اڪيلو پاڪستاني بيٽر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.