هاڻي ڪو به ادارو ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس نه وٺندو، نوٽيفڪشن جاري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي سڀني روڊن تي پارڪنگ فيس مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هاڻي شهر جي ڪنهن به روڊ تي پارڪنگ فيس اوڳاڙڻ تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته پارڪنگ فيس رڳو پلازن، پلاٽن يا مخصوص ڪائونسلن جي مخصوص علائقن ۾ ورتي ويندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت جو ڪو به ادارو ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس وصول نه ڪري سگهندو ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور تي شهرين کان پارڪنگ فيس وصول ڪندا، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته ان کان اڳ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) به پنهنجي اختيار هيٺ شهر جي 32 روڊن تي پارڪنگ فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.