واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گوگل ۽ مائڪرو سافٽ جهڙين وڏين ٽيڪ ڪمپنين کي سخت پيغام ڏنو آهي ته اهي ٻاهرين ملڪن، خاص طور تي ڀارت جهڙن ملڪن ۾ نوڪريون ڏيڻ کان پاسو ڪن، ڀارتي اخبار ’انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ مطابق، واشنگٽن ۾ هڪ اي آءِ سمٽ دوران ٽرمپ چيو ته آمريڪي ڪمپنين کي گهرجي ته اهي چين ۾ ڪارخانا قائم ڪرڻ يا ڀارتي ٽيڪ ورڪرن کي نوڪريون ڏيڻ بدران هاڻ ملڪ جي اندر ئي روزگار پيدا ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏين، هن دعويٰ ڪئي ته وڏين ٽيڪ ڪمپنين آمريڪي آزادي مان فائدو وٺي منافعا ته ڪمايا، پر پنهنجي سيڙپڪاري اڪثر ملڪ کان ٻاهر ڪئي آهي، اسان جون وڏيون ٽيڪ ڪمپنيون آمريڪي آزادي جا فائدا وٺي چين ۾ ڪارخانا ٺاهي رهيون آهن، ڀارت ۾ ورڪرن کي نوڪريون ڏئي رهيون آهن ۽ آئرلينڊ ۾ پنهنجا منافعا لڪائي رهيون آهن، ساڳئي وقت آمريڪي شهريَن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ سينسر ڪرڻ جو عمل به جاري رکيو ويو، پر هاڻ اهي ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن.