ڪراچي(رپورٽر) خاتونِ اوّل ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي ماتحت ٻارن جي صحت بابت اداري جي ٻن مرڪزي اسپتالن جو تفصيلي سرڪاري دورو ڪيو، ساڻس گڏ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، ۽ ٻيا اهم سرڪاري عملدار موجود هئا، دوري جي شروعات اعظم بستي ۾ قائم مدر اينڊ چائلڊ ڪئير اسپتال کان ٿي، ان کان پوءِ، وفد ڪورنگي نمبر 5 ۾ واقع چلڊرن اسپتال جو به دورو ڪيو، آصفه ڀٽو زرداري مريض ٻارن جي والدين سان ملاقات به ڪئي، ڪجهه والدين شڪايتون ۽ تجويزون به پيش ڪيون، جن کي ڌيان سان ٻڌو ويو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور بهتري لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون، آصفه ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت جو صحت جي شعبي تي ڌيان قابلِ فخر آهي۔ خاص طور تي ٻارن ۽ مائرن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي مفت علاج جي فراهمي هڪ فلاحي رياست جي بنياد آهي۔ اڄ هتي جيڪو ڪم ڏسڻ ۾ آيو، اهو پاڪستان جي مستقبل جي صحتمند نسل جي ضمانت آهي.