ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس نثار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾منشيات جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر بدران ٻيا پوليس عملدار عدالت کي ڪيسن بابت ٻڌائڻ لڳا جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته هي ڪهڙي اڳڀرائي ٿ، .پوليس آفيسر عدالت ۾ چيو ته جاچ آفيسر کي ڳالهائڻ نه ايندو آهي، جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته جڏهن هن کي ڳالهائڻ نه ٿو اچي ته پوءِ ڪيس جي جاچ ڪهڙي طرح ڪئي هوندي؟ پوليس آفيسر چيو ته هن کي ڪم ڪرڻ ايندو پر سٺي نموني سان ڳالهائي نه سگهندو آهي، جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته اسان آءِ جي سنڌ کي گهرائي پڇاڻو ٿا ڪريون ته ڪهڙا آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ پوليس جو هي نظام آهي، ڪم هڪ ڪندو آهي، فائل تي صحيح وري ٻيو ڪندو آهي، اهڙن پوليس آفيسرن کي ته جيل موڪلڻ گهرجي، جنهن کي ڪيس جي فائل پڙهڻ نه اچي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته وڏي منشي رپورٽ ٺاهي ڏني هوندي، اڄ ڪل ٿاڻي جي وڏي منشي کي رپورٽ ٺاهڻ جا ڪيترا پئسا ڏيندا آهيو، اسان حيدر آباد ۾ به آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو هو، آءِ جي کي هدايتون ڏيون ٿا ته هو جاچ آفيسر کي سکيا ڏني وڃي جن کي ڪم نٿو اچي انهن جي تربيت ڪرايو، عدالت چيو ته ڳالهه امير ۽ غريب جي نه آهي، اهڙي پوليس آفيسرن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.