اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي ڪوريئر سروس جو نمائندو بڻجي فراڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
پي ٽي اي ترجمان موجب شهري ڪوريئر سروسز جي نمائندي طرفان وصول پيغامن کان هوشيار رهن، اٿارٽي طرفان عوام کي اهڙن جعلي پيغامن کان محتاط رهڻ جو چيو پيو وڃي.
ترجمان چيو ته ڪوريئر سروس جي نمائندي طرفان واهپيدار کان فون ڪال ذريعي ويريفڪيشن ڪوڊ بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي، ايس ايم ايس يا ميسيجنگ ايپس ذريعي وصول ٿيندڙ ڪو به ڪوڊ ڪنهن سان به شيئر نه ڪيو، ڇو
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ته اهو ڪوڊ توهان جي اڪائونٽن يا ڊجيٽل سڃاڻپ تائين غير مجاز پهچ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، حقيقي ڪمپنيون پارسل جي پهچ لاءِ واهپيدار کان ڪنهن قسم جي ڪوڊ بابت ڄاڻ ناهن وٺنديون.