روس جهاز حادثو، 50 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي اوڀر امور ريجن ۾ هڪ مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڙئي مسافر مارجي ويا.
گم ٿيل انگارا ايئر لائنز An-24 مسافر جهاز اڄ روس جي اوڀر آمور علائقي ۾ اڏام دوران رابطو ٽٽي ويو.
روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ عملي جي 6 ميمبرن ۽ 5 ٻارن سميت اٽڪل 50 ماڻهو سوار هئا.
اختيارين موجب، حادثي واري ملبي مان ڪو به زنده شخص نه مليو، ممڪن آهي ته سڀئي ماڻهو فوت ٿي ويا هجن، لاشن جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

روسي ايمرجنسي وزارت جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.