حيدرآباد( پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ڀلائي سنڀال جون سڀ راهون بند ڪيون ويون آھن، هن چيو ته کربين رپيا تعليم ۽ صحت جا ھڙپ ڪيا ويا آھن شھري زندگي تڪليف ۾ آھي،روزگار جي ذريعن جو اهو عالم آھي ته جيڪو تيل، گئيس. ڪوئلو. بندر يا جيڪي مالي وسيلن جا زريعا آھن نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آھن انهن مقامي نوجوانن لاءَ دوازا بند ڪري ڇڏيا آھن استاد حقن لاءَ احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ٻوڏ جي صورتحال آھي تڏھن به ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي ناهي ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا ماڻھو پاڻي لاءَ احتجاج ڪن ٿا، هن چيو ته پوليس لاقانونيت ۽ غنڊا راج لڳايون ويٺي آھي معصوم هندو نياڻيون اغوا ٿين ٿيون ۽ انهن کي جبري طرح جنسي حوس جو نشانو بڻائي مذھب تبديل ڪيا ٿا وڃن، جن جي عمر 18 سالن کان گهٽ آھي،ٽنڊوالهيار جي سلطانه آباد جون معصوم نياڻيون آزاد نه ڪرايون ويون ته 27 جولاءِ تي عمر ڪوٽ ميرپورخاص ٽنڊوالهيار ۽ حيدر آباد روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪنداسين .