پاڪستان پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو شڪار آهي، صوبن وٽ پنهنجي ذخيري جي ڊيٽا ئي ناهي: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ماحولياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن شيري رحمان خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو شڪار آهي، جڏهن ته ڪنهن به صوبي کي پنهنجن ذخيرن جي صحيح ڄاڻ ئي ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آبي وسيلن واري وزارت وٽ به پاڻيءَ جي استعمال يا موجودگي بابت ڪائي ڊيٽا موجود ناهي، بلوچستان ۽ چترال اڳ ۾ ئي برائون زون ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ زميني پاڻي خطرناڪ سطح تائين هيٺ اچي ويو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

شيري رحمان ڀارت طرفان پاڻي روڪڻ وارين ڌمڪيون ۽ افغانستان ۽ ايران ۾ صورتحال به خطري جي گهنٽي قرار ڏنو.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 2022ع واري ٻوڏ مان به ڪو سبق نه سکيو ويو، ملڪ جا اڪثر علائقا اڃا تائين چوماسي برساتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿا رکن.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته پاڻيءَ جو بحران قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.