اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سائبر ڏوهارين نوجوانن، شاگردن ۽ فري لانسرز کي هني ٽريپ ۽ جعلي آن لائين ملازمتن ذريعي مالي نقصان پهچائڻ جو نئون طريقو ڳولي ورتو آهي.
نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (نيشنل سرٽ) خبردار ڪيو آهي ته واٽس ايپ گروپن ۾ فحش مواد ڏيکاري واهپيدارن کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو ۽ قانوني ڪارروائي کان بچائڻ جي نالي تي لکين رپيا وصول ڪيا وڃن ٿا.
ايڊوائزي موجب، ڏوهاري سوشل ميڊيا پروفائلز ذريعي غير محتاط واهپيدارن کي نشانو بڻائن ٿا، جڏهن ته فري لانسنگ ڪم ڳوليندڙ نوجوان سندن آسان هدف بڻجن ٿا.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
نيشنل سرٽ واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته رڳو اعتماد جوڳي فريلانسنگ پليٽ فارمز استعمال ڪيا وڃن، سوشل ميڊيا پرائيويسي سخت رکي وڃي ۽ شڪي پيغامن يا گروپن کان پاسو ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته بليڪ ميلنگ يا ٺڳي جي صورت ۾ فوري طور تي پي ٽي اي، نيشنل سرٽ يا لاڳاپيل سائبر ادارن کي اطلاع ڏنو وڃي.