گهاري ۾ ڪارون ٺاهڻ جو منصوبو، نجي سيڙپڪار هزار ايڪڙ زمين گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪامز سِيز نالي نجي ڪمپني جي ڪارون ٺاهڻ واري منصوبي تي غور ڪيو ويو، جنهن لاءِ گهاري ڀرسان 1000 ايڪڙ زمين گهربل آهي.
زمين جي فراهمي لاءِ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني تي ٻڌل ماتحت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪندي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ان ڏس ۾ سيڪريٽري لينڊ يوٽلائزيشن جو چوڻ آهي ته گهاري ۽ ڌابيجي ۾ گهربل زمين موجود آهي، جيڪا مارڪيٽ ريٽ تي ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته زمين جي الاٽمينٽ جو حتمي فيصلو سنڌ ڪابينا ڪندي، جڏهن ته معاملي تي وڌيڪ غور ويچار لاءِ 23 جولاءِ تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.