”بانو کي بلوچ رسمن تحت سزا ڏني وئي، سردار شيرباز بيگناهه آهي، آزاد ڪيو وڃي” مقتولا جي ماءُ جو بيان

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل مقتولا بانو جي ماءُ جو ويڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڌيءَ جي قتل کي ”بلوچي رسمن موجب سزا“ قرار ڏيندي سردار شيرباز ساتڪزئي کي بي ڏوهه قرار ڏنو آهي.
مقتولا جي ماءُ جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ قبيلائي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي، تنهنڪري کيس سزا ڏني وئي، جڏهن ته سردار شيرباز جو فيصلي ۾ ڪو به ڪردار نه هو.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سردار ۽ گرفتار ٿيل ٻين ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
ياد رهي ته 19 جولاءِ تي ڪوئٽا جي علائقي سنجيدي ڊيگاري ۾ بانو ۽ احسان الله نالي جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

وڊيو عام ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي 20 جوابدارن جي نشاندهي ڪري 13 کي گرفتار ڪري ورتو هو، جن ۾ مقتولا جو سئوٽ ۽ سردار شيرباز ساتڪزئي پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.