خساري ۾ هلندڙ ادارا خزاني تي بار آهن، خانگايا وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ قومي ادارا خزاني تي بار بڻجي ويا آهن ۽ معيشت جي بحالي ۾ رنڊڪ آهن، انڪري انهن جي مرحليوار نجڪاري ضروري آهي.
سرڪاري ادارا خانگائڻ بابت اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ کيس آگاهي ڏني وئي ته پي آءِ اي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون (ڊسڪوز) ۽ ٻيا ادارا قانوني ۽ مالي گهرجن موجب نجڪاري عمل ۾ آهن.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري عمل کي تيز، شفاف ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي مڪمل ڪيو وڃي ۽ نجڪاري ڪميشن کي مڪمل خودمختياري ڏني وڃي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن واضح ڪيو ته عمل جي ذاتي نگراني ڪندا، جڏهن ته نجڪاري رڳو مالي فائدي لاءِ نه پر معيشت جي بهتري لاءِ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.