نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مودي حڪومت جي دور ۾ عورتن خلاف ڏوهن، خاص طور تي سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخصيتن طرفان جنسي زيادتي جي واقعن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب، بي جي پي ايم ايل اي پرڀو چوهاڻ جي پٽ پرتيڪ چوهاڻ خلاف ڪرناٽڪ ۾ جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر عورت شڪايت ڪئي ته شاديءَ جا واعدا ڪرڻ باوجود پرتيڪ کيس بار بار هراسان ڪري پاڻ کي نقصان پهچائڻ تي مجبور ڪيو.
انڊين ايڪسپريس جي انگن اکرن موجب، 2019 کان 2025 تائين ڀارت جي 151 موجوده ايم پي ۽ ايم ايل اي خلاف عورتن سان لاڳاپيل ڏوهن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ رهيا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 54 بي جي پي سان واسطو رکن ٿا ۽ 16 تي سنگين جنسي زيادتي جا الزام آهن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ماهرن موجب، بي جي پي جو ” بيٽي پڙهائو، بيٽي بچائو“ جو نعرو رڳو سياسي مفادن تائين محدود آهي، جڏهن ته مودي حڪومت پارٽي سان واڳيل جوابدارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، جنهن سبب جنسي ڏوهن جي شرح ۾ واڌ جاري آهي.