رسل آخري ميچ کي يادگار نه بڻائي سگهيو، آسٽريليا هٿان ويسٽ انڊيز کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ به شڪست

ڪنگسٽن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي آسانيءَ سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنج ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ برينڊن ڪِنگ 51 ۽ اينڊري رسل 36 رنسن سان نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان ايڊم زامپا 3، جڏهن ته گلين ميڪسويل ۽ نيٿن ايلِس 2-2 وڪيٽن حاصل ڪيون.
جواب ۾ آسٽريليا جارحاڻي شروعات ڪندي 173 رنسن جو هدف 15.2 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
اوپنر جوش انگلس 33 بالن تي ناٽ آئوٽ 78 رنسون ٺاهي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ٻين رانديگرن ۾ ڪئمرون گرين 56 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، ٻنهي بيٽرن وچ ۾ 131 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
سيريز جي ٽِين ميچ 26 جولاءِ تي رٿيل آهي، جتي ويسٽ انڊيز کي سيريز ۾ واپسي لاءِ اِها ميچ لازمي کٽڻي پوندي.
ان ميچ سان گڏ ويسٽ انڊين آل رائونڊر آندري رسل جو عالمي ڪيريئر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
واضح رهي ته آندري رسل هلندڙ مهيني ويسٽ انڊيز ۾ آسٽريليا خلاف پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز دوران ٻه ميچون کيڏڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.