سعود ۽ حيدر جون ففٽيون، پاڪستان شاهينز هٿان پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ کي پهرين ون ڊي ۾ شڪست

بڪنگهم (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شاهينز پهرين ون ڊي ۾ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون کي سخت مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
برسات سبب متاثر ميچ 50 بدران 28 اوورن تائين محدود ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهينز ڊڪ ورٿ ليوس( ڊي ايل ايس) قانون تحت 204 رنسن جو هدف 28 هين اوور ۾ حاصل ڪيو.
ميچ ۾ ڪپتان سعود شڪيل ۽ حيدر علي شاندار ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ چوٿين وڪيٽ لاءِ 129 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جيڪا فتح جو ڪارڻ بڻي.
ان کان اڳ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون پهرين بيٽنگ ڪندي 27.4 اوورن ۾ 187 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان شاهينز لاءِ مير حمزا پهرئين اوور ۾ اسحاق محمد کي ٻُڙي تي آئوٽ ڪري بهترين شروعات فراهم ڪئي، جڏهن ته عبيد شاهه ٽام ليوس کي رڳو 4 رنسن تي سوگهو ڪري ورتو.
ول سميڊ ۽ حمزا شيخ ٽِين وڪيٽ لاءِ 98 رنسن جي ڀائيواري ڪئي.
سميڊ 62 بالن تي 84 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا.
معاذ صداقت ٽيم جو سڀ کان ڪامياب بالر رهيو، جنهن 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سعود شڪيل ۽ فيصل اڪرم 2، 2 شڪار ڪيا. برسات سبب متاثر ميچ ۾ ڊڪ ورٿ ليوس قانون تحت گرين شرٽس کي 204 رنسن جو هدف مليو.
پاڪستان شاهينز کي شروع ۾ وڏا جهٽڪا مليا، علي زرياب آصف ۽ اذان اويس 8، 8 رنسن تي ۽ عمير بن يوسف رڳو 2 رنسن تي آئوٽ ٿيا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ٽيم جو اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 32 رنسون هو، جڏهن سعود شڪيل ۽ حيدر علي اننگز کي سنڀالي چوٿين وڪيٽ لاءِ سينچري ڀائيواري ڪئي.
حيدر علي 5 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 71 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سعود شڪيل 72 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
آخر ۾ شاهد عزيز هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي سان 21 رنسن ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري.
پاڪستان شاهينز ۽ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون وچ ۾ ٻي ون ڊي 25 جولاءِ تي بڪنگهم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽِين ميچ 27 جولاءِ تي هوو ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.