خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) سول اسپتال خيرپور ۾ لکين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل مسافر خانو ۽ ان جي باٿروم کي سول اسپتال انتظاميه لوڙھا ڏئي ڇڏيا، مسافر خاني ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجھه مھينا اڳ سول اسپتال خيرپور جي مين گيٽ جي سامھون مرچري وارڊ اڳيان مريضن يا لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ ايندڙ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ لکين روپين جي لاڳت سان مسافر خانو تعمير ڪرايو ويو ۽ ان سان لڳو لڳ 10 کان وڌيڪ تعمير ٿيل باٿ رومن جا دروازا گم ڪري باٿ رومن کي لوڙھو ڏئي استعمال ڪرڻ کان بند ڪيو ويو آهي، جڏھن ته مسافر خاني جون ڪرسيون گم ڪيون ويون آهن، اتي گندي جا ڍير لڳي ويا آهن جنھن ڪري مريضن توڙي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ ايندڙ وارث نٽھڻ اس ۾ بيٺل ھوندا آھن ۽ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، ھوڏانھن عمل تي خيرپور جي شھرين، سماجي ڪارڪنن توڙي خيرپور اتحاد جي اڳواڻن ايم ايس تي ڇتي تنقيد ڪندي سندس خلاف انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪرايو آهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جيلاني ۽ ايم اين اي سيدہ نفيسه شاھ جيلاني کي ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته خيرپور جي سياسي ھائوسن تي افسوس آهي جو اهي سول اسپتال جھڙي وڏي اداري جي به مالڪي ڪونه پيا ڪن، ايم ايس بادشاھ بڻيل آهي.