ڪراچي جون سوين عمارتون ٽڪ ٽڪ ڪندڙ ”بم“، ڌماڪي سان ڪِرڻ جو خطرو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) لياري ۾ سوين عمارتون اهڙيون آهن، جيڪي رهائش لاءِ غير محفوظ سمجهيون وڃن ٿيون. ان کان سواءِ ، لياري ۾ برطانيا جي دور جون 1500 کان وڌيڪ عمارتون پڻ موجود آهن، جنمان ڪيترين کي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچيءَ ۾ لڳ ڀڳ 600 عمارتن کي غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، جن مان گهٽ ۾ گهٽ 50 عمارتون انتهائي خطرناڪ حالت ۾ آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪري سگهن ٿيون، ان حوالي سان شهري عارف حسن چيو ته اهي عمارتون اهڙيون آهن، جيڪي ٽڪ ٽڪ ڪندڙ بم آهن، ڪنهن به ڏينهن ڌماڪي سان ڦاٽي سگهن ٿا، حسن بخشي چيو، ’اهي عمارتون رڳو رهواسين لاءِ نه، پر آس پاس وارين عمارتن لاءِ به خطرو آهن، انهن کي فورن ڊاهي اهم رهنمائي اصولن مطابق ٻيهر تعمير ڪرڻ گھرجن، ٻي پاسي اختيارين جو چوڻ آهي ته، اهي عمارتون خالي ڪرائڻ آسان ناهي، ڇو ته رهواسي مزاحمت ڪن ٿا، هو متبادل رهائش جو مطالبو ڪن ٿا، جيڪو اسان جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.