ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي سنجيدي ڊيگاري واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل جوڙي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض موجب، پوسٽ مارٽم ڊيگاري ڪول مائن قبرستان ۾ڪيو ويو، عورت کي 7 ۽ مرد کي 9 گوليون لڳيون، ٻنهي کي 4 جون 2025 تي قتل ڪيو ويو هو. پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق عورت جي عمر تقريباً 37 کان 38 سال جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن جي مٿي تي هڪ گولي لڳي جڏهن ته سيني ۽ پيٽ تي ست گوليون هنيون ويون. عورت جي ٻانهن تي ’نور بانو بي بي‘ نالو لکيل هو ۽ سندس تعلق ساتڪزئي قبيلي سان هو. رپورٽ مطابق ڇوڪري جو نالو احسان الله هو ۽ عمر تقريباً 35 کان 36 سال جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن کي سينو ۽ پيٽ تي 9 گوليون هنيون ويون هيون. پوليس سرجن عائشه فيض مطابق عورت جي لاش خراب ٿي چڪي هئي، پر پوءِ به سڃاڻپ جوڳي هئي، جڏهن ته مرد جي لاش جي حالت ڪجهه بهتر هئي ۽ سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي. غيرت جي نالي تي قتل ٿيل عورت کي ڊيگاري قادر بخش ڪوئلي جي کان جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو جڏهن ته مرد کي سنجدي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ٻنهي جي لاشن مان ڊي اين اي نمونا پڻ ورتا ويا آهن، ۽ ضرورت پوڻ تي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي.