”مقتول عورت کي مڙس ته قبول ڪري ڇڏيو هو“

اسلام آباد(مزمل سهروردي)ڪوئيٽا جي سينئر صحافي شهزاده ذوالفقار چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قتل ٿيل جوڙي بابت خبر پئي آهي ته عورت شادي شده هئي ان جا پنج ٻار هئا ۽ مرد به شادي شده هو هن جا به چار پنج ٻار هئا،اهي بغير نڪاح جي چئن پنجن مهينن کان گڏ رهي رهيا هئا،هن چيو ته ماڻهو چون پيا ته نوجوان عورت کي گهڻو تنگ ڪري رهيو هو،هن هڪ وڊيو به سندس گهروارن کي موڪلي هئي ۽ هن جي مڙس ۽ ٻين گهرڀاتين کي مهڻا به ڏنا،هن چيو ته عورت واپس پنهنجي مڙس سان ڳالهائي گهر اچي وئي هئي اها ڳالهه طئي آهي ته مڙس هن کي قبول ڪري ڇڏيو هو،هن ان کي نه ماريو نه تشدد ڪيو،هن چيو ته مقتول عورت جي هٿ ۾ قرآن پاڪ هو، براهوي زبان ۾ رڳو اهو چيو ته مون کي تشدد يا سنگسار ڪرڻ بدران گولي هڻي ماري سگهو ٿا،عورت جو قبيلو ساتڪزئي ۽ مرد جو قبيلو سمالاڙي قبيلو آهي،ٻئي براهوي ڳالهائيندڙ بلوچ آهن،هن چيو ته عورت ۽ مرد کي مارڻ نه گهرجي ها،نوجوان غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو،ساتڪزئي قبيلي جي سردار شير زمان جي اڳواڻي ۾ جوڙي کي قتل ڪرڻ جو جرڳو ٿيو هو،اهو سردار ، ناري جو ڀاءُ جلال، ڪزن ۽ مٽ مائٽ گرفتار ڪيا ويا آهن،هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان بلوچ يڪجهتي ڪائونسل،نيشنل پارٽي،عوامي نيشنل پارٽي،پشتونخوا ملي عوامي پارٽي،بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل ڪو به بيان ناهي ڏنو،هن چيو ته ان ڪيس ۾ اڃا تائين مڙس جو نالو سامهون ناهي آيو،مقتول جو پٽ به ڪڏهن نه ڪڏهن سامهون اچي حقيقتون بيان ڪندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو22 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.