ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته صرف قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي بالادستي سان ئي ملڪ ترقي۽ پاڪستان جي باني حضرت قائداعظم محمد علي جناح جو اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. آءِ ايل ايم حڪمرانن جي غير آئيني ۽ آمراڻن قدمن خلاف ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ وڪيلن کي منظم ڪري. اھڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پنھجي مان۾ ڏنل آجياڻي ۾ خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي آءِ ايل ايم سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نجم الحسن، عثمان فاروق، خالد عرشي، محمد اڪرم، آغا عبدالفتاح پٺاڻ، جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، خاص مددگار زاهد حسين راجپر، اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته فارم 47 کان مخصوص سيٽن جي ناني ويڙھي تائين جو عمل نه رڳو ڳڻتي جوڳو پر جمهوريت،سياست، قوم ۽ ملڪ دشمني تي ٻڌل پڻ آهي. ان عمل سان سياست ۽ بيلٽ تي عوام جو اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پارليامينٽ جي خريد و فروخت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، مٿان وري شهباز حڪومت هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي اميدن تي پاڻي ھاري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ان سان مهانگائي جو هڪ نئون طوفان ايندو