حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وفد سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد حيدرآباد پهچي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. رسول بخش پليجي صاحب جي ڀيڻ ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان تعزيت ڪئي. اڳواڻن سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ذريعي ملڪ مٿان ون يونٽ مڙهيو ويو آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، وسند ٿري چيو ته صدر زرداري سنڌ دشمني ۾ ايوب کهڙي کان به گوءِ کڻي ويو آهي، اسيمبليءَ جي ڪرپٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ لکين روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي پر غريب مسڪين ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪئنالن خلاف جدوجهد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار آهي، ادي حورالنساء پليجو پنهنجي سموري حياتي قومي عوامي جدوجهد ڪندي گذاري، هن چيو ته سنڌ جي مسئلن جو حل پرامن عوامي جدوجهد ۾ آهي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، نور نبي پليجو، سرمد راڄپر، حاجي خان سمون، فاضل کوسو، علي رضا جلباڻي، انور رند، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، مختيار گائينچو، شيخ جمال برهماڻي، لياقت ميمڻ، شعيب ڀٽو، عرفان لاشاري، اياز صالح پليجو، شاڪر ۽ عوامي تحريڪ جا ٻيا اڳواڻ موجود هئا ۽ ايس ٽي پي جي وفد ۾ حيدر شاهاڻي، علي محمد ابڙو، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، سرواڻ مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.