حيدرآباد ۾ گٽرن مان ٻوريون نڪتيون، غيرقانوني عمارتن جي اجازت نه ڏبي: وڏو وزير

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد ۾ گٽر نالن مان ٻوريون ملڻ جي روايت پراڻي آهي، ريلوي اسٽيشن واري علائقي مان گٽرن مان ٻوريون نڪتيون آهن، پيپلزپارٽي حيدرآباد جي عوام جي ٿورائتي آهي جو انهن پيپلزپارٽي تي اعتماد ڪندي اسان جو ميئر چونڊرايو, حيدرآباد ۾ نالن مٿان حددخلين کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ توڙي ٻئي ڪنهن هنڌ غير قانوني عمارتون تعمير ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه هوندي، حددخلين بابت ڪمشنر کان رپورٽ گهرائي ڪارروائي  جو حڪم ڏنو ويندو. ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ انتظاميا کي شهرين کي فوري رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وڏي وزير سول لائين، ٿڌي سڙڪ، آٽو ڀان روڊ پمپنگ اسٽيشن، ريلوي انڊر پاس، فتح چوڪ، مڪي شاهه روڊ، قاضي عبدالقيوم روڊ ۽ قاسم آباد جي هيٺياهين وارن علائقن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ اطلاعات کاتي جو وزير شرجيل انعام ميمڻ، آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو، حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ پڻ گڏ هو، ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اسٽيشن جي ڀرپاسي ۽ ٻين هيٺياهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي فوري نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ صفائي جي ڪمن ۾ پڻ تيزي آندي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 14 جولاءِ تي هڪ ڪلاڪ تيز برسات جي ڪري اٽڪل 107 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، حيدرآباد جي 90 سيڪڙو علائقن مان 24 ڪلاڪن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي لو لائين پوزيشن جو حوالو ڏيندي چيو ته شهر جي نيڪالي مڪمل طور تي پمپنگ تي ڀاڙي ٿي ڇاڪاڻ ته هتي نيڪال جي گريوٽي ممڪن ناهي. هن چيو ته حيسڪو کي هدايت ڪئي وئي هئي ته برسات دوران بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پمپنگ جو عمل متاثر نه ٿئي. وڏي وزير عبدالستار ايڌي فلائي اوور جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ ۽ حددخلين جي خاتمي ۽ پڃاري واهه جي ٻنهي ڪنارن تي روڊ تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي 2200 ملين رپين جي لاڳت ايندي، واهه جي ساڄي ڪناري جي روڊ تي 7.40 ڪلو ميٽر ۽ کاٻي ڪناري تي 9.80 ڪلو ميٽر ڊگهي هوندي. شهر جي دوري کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميئر حيدرآباد جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ حددخلين وارو معاملو پراڻو آهي، جنهن جو مطلب ميئر ڪاشف علي شورو کان اڳ جو آهي، ان جا ذميوار اڳ جيڪي اقتدار ۾ هئا اهي آهن, حددخليون اسان جي ميئر جي دور ۾ ناهن ٿيون, پر ڀوڳڻو پيپلزپارٽي ۽ ميئر کي پوندو، وڏي وزير نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي بحالي جو ذڪر ڪندي چيو ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ سال حيدرآباد ۾ پي ايس ايل جون ميچون ڪرايون وينديون. سيپٽمبر ۾ ايشين چيمپين شپ جون ميچون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿينديون، جنهن ۾ 6 ملڪن جون ٽيمون شرڪت ڪنديون. جڏهن ته ڊي پارڪ جو افتتاح آگسٽ مهيني ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته عوام جي مفاد ۾ سمورا منصوبا وقت سر ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪيا ويندا. ان کانپوءِ وڏي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس پهتو، جتي ايس پي ايس سي، جي چيئرمين محمد وسيم ۽ ڪميشن ميمبرن سندس آجيان ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.