پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ن ليگ ۽ جي يو آءِ اقليتي سيٽ جو معاملو ڪڻو ڪڍڻ بدران ڳالهين سان طئي ڪري ورتو.
ن ليگ اقليتي سيٽ لاءِ ڪڻو ڪڍڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اها سيٽ جمعيت علماءِ اسلام کي ملي وئي.
ن ليگ اڳواڻ امير مقام اهو فيلصو وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ٻنهي پارٽين جي مشاورت سان ڪيو، ن ليگ اپوزيشن جي وڏي پارٽي هوندي بنا مقابلي چونڊن لاءِ قرباني ڏئي رهي آهي، ڳالهه ٻولهه سان فيصلو ڪيو ويو ته جيئن خريد ۽ وڪري جو الزام ختم ٿي وڃي.
Prev Post
You might also like