پاڪستان کي پنهنجي تازي عالمي تشخص مان فائدو وٺڻ گهرجي

تحرير: محمد عامر رانا

مئي ۾ ھندستان   سان ٽڪراءُ اوچتو پاڪستان جي عالمي تشخص کي گھڻو بهتر بڻايو آهي جڏهن ته ان کي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ عروج لاءِ هڪ نادر موقعو پڻ مُهيا ڪيو آهي. جاگرافيائي معاشي محاذ تي جدوجهد ڪندڙ پاڪستان ھاڻي جاگرافيائي  سياسي منظرنامي ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جتي اهو نھ صرف واقعن تي رد عمل ظاھر ڪري رھيو آھي  پر علائقي ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي ڪردار کي فعال طور تي  تشڪيل ڏئي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ  اھو تڪرار خطرناڪ هو،پر ان غير متوقع طور تي پاڪستان جي سفارتي طور تي مدد ڪئي. هندستان ڊگهي عرصي کان پاڪستان کي دنيا کان الڳ ڪرڻ لاءِ دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ جو الزام لڳائيندو رھيو آهي، پر پهلگام واقعي کان پوءِ تصديق ٿيل ثبوت پيش نھ ڪري سگھڻ  تھ سندس بيانيئو  اعتبارجوڳو نه رهيو.پاڪستان جي تورل تڪيل پر مضبوط فوجي ردعمل ڪيترن ئي ماڻھن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ان لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ اعتماد جو رستو هموار ڪيو. ان کان علاوه،پاڪستان خاموشي سان آمريڪا سان پنهنجي سيڪيورٽي لاڳاپن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ان کي عالمي سياست ۾ وڌيڪ اثر رسوخ مھيا ڪيو  آهي.

جيئن ته پاڪستان عالمي سياست ۾ پنهنجي پوزيشن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي،جنھن ۾ ڪجهه عنصر اهم آهن. چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، جنهن کان پوءِ ترڪي آهي. ملڪ جا غير استعمال ٿيل معدني ذخيرا به ايترا ئي اهم آهن، جيڪي هاڻي بين الاقوامي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. افغانستان ۾ بدلجندڙ منظرنامو ۽ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن پاڪستان کي علائقائي سيڪيورٽي ڳالهين ۾ هڪ وڌيڪ اهم رانديگر بڻائي ڇڏيو آهي. ايران اسرائيل تڪرار دوران پاڪستان جي سفارتڪاري پڻ ان جي اميج کي بهتر بڻايو آهي.

اهي تبديليون تيزي سان بدلجندڙ سياسي منظرنامي ۾ ٿي رهيون آهن جنهن ۾ وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ قفقاز جو علائقو شامل آهي. پاڪستان هاڻي وچ ايشيا ۽ پاڙيسري ڏکڻ ايشيائي ملڪن، خاص طور تي بنگلاديش سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيئن ته ڪجهه ملڪ هندستان کان ناخوش آهن ۽ روس مختصر مدت جي مفادن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي، تھ پاڪستان وٽ نئين پارٽرنرشپ  قائم ڪرڻ جو موقعو آهي، بشرطيڪ اهو اسٽريٽجڪ ھم آھنگي برقرار رکي سگهي.

بهرحال، انھن نوان بين الاقوامي موقعن جو داورمدار  پاڪستان جي اندروني طور تي مضبوط ٿيڻ تي آهي. عالمي معاملن يا  جاگرافيائي سياست ۾ پنهنجي وڌندڙ اهميت کي برقرار رکڻ لاءِ، پاڪستان کي پنهنجي معيشت کي درست ڪرڻ، سياسي استحڪام کي بهتر بڻائڻ ۽ پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اندروني استحڪام کان سواءِ، سفارتڪاري ۾ ڪا به اڳڀرائي ممڪن نھ ٿيندي.

پاڪستان کي احساس آهي ته پنهنجي تازي اسٽريٽجڪ ۽ سفارتي ڪاميابين کي برقرار رکڻ لاءِ دهشتگردي خلاف موثر ۽ ترقي يافتھ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اهو گذريل هفتي واضح طور تي سامھون آيو جڏهن فوجي قيادت سڀني دهشتگرد گروپن خلاف "هر سطح تي فيصلائتي ۽ جامع قدمن” جي ضرورت تي زور ڏنو.

پاڪستان هن وقت افغانستان سان لڳندڙ  بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي سرحدي علائقن ۾ بغاوت ۽ دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي ۾ مصروف آهي، جڏھن تھ انھن ڪوششن جو بين الاقوامي ڪردارن بھ اعتراف ڪيو آھي. بهرحال، جيڪو خطري جو سبب بڻيل آھي ۽ جنھن جو  هندستان لڳاتار  استحصال ڪري ٿو ، اهو آهي لشڪرل طيبھ ۽ جيش محمد جھڙن  پابندي مڙهيل گروپن جي پاڪستان ۾  ڊگهي عرصي کان موجودگي، جيڪي ڪنھن وقت ۾ هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ سرگرم هئا.

ڪجھ سالن ۾ پاڪستان انهن نيٽ ورڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، جڏهن ته FATF جي گهرجن ۽ خاص طور تي واشنگٽن ۽ يورپي ملڪن جي مسلسل سفارتي دٻاءُ جي ڪري پاڪستان سرگرم ڪارروائي ڪئي آهي.

انهن قدمن جي باوجود هندستان مسلسل  اصرار ڪري رهيو آهي ته انهن گروپن جا عنصر پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرگرم آهن. هندستان ان دليل کي مؤثر طريقي سان بين الاقوامي عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، خاص طور تي اولھھ  حڪومتن ۾، جڏهن ته اهو ان کي سفارتي حڪمت عملي طور استعمال ڪرڻ کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي.جڏهن ته اهو وڌيڪ واضح ٿي رهيو آهي ته صرف ھڪ ئي پيغام بار بار ورجائڻ ڪافي نھ آھي بلڪھ هندستان کي ٻين ملڪن کي قائل ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت يا نوان سبب فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هندستان اهي فراهم نٿو ڪري سگهي، ته ان جو بيانيئو ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي ڳالهائڻ جو وڌيڪ برابر ۽ انصاف ڀريو موقعو ملي سگھي ٿو.

هندستان ۽ پاڪستان پاران FATF کي پيش ڪيل تازيون رپورٽون دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنھي ملڪن جي متضاد نقطھ نظر کي ظاھر ڪن ٿيون.پاڪستان جي رپورٽ ھڪ چٽي ۽ منظم ڪوشش کي ظاھر ڪري ٿي  جھن کي ان جي ادارن جي حمايت حاصل آھي. ان جي ابتڙ هندستان جي رپورٽ مڪمل يا متوازن تصوير پيش ڪرڻ جي بدران پنهنجي سياسي بيان جي حمايت تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي.

FATF  کي هندستاني رپورٽ  ۾ ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو آھي ته دهشتگرد  فنڊنگ لاءِ اي ڪامرس، آن لائن ادائيگي ۽ وي پي اينز جهڙين شين کي ڪيئن استعمال ڪري سگهن ٿا.ان حوالي سان  هندستان ٻه مثال پيش ڪيا آهن، جن مان هڪ اپريل 2022 ۾ گورک ناٿ مندر تي ناڪام حملو آهي ۽ ٻيو فيبروري 2019 ۾ هندستاني فوجي قافلي تي خودڪش بمباري بابت آهي، جنهن ۾ 40 هندستاني فوجي مارجي ويا هئا. جڏهن تهFATF جي رپورٽ ۾ تازي پهلگام واقعي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو  ۽ نھ ئي ان باري ۾ ڳنتي ظاھر ڪئي وئي آھي تھ  پاڪستان ڪھري ريت  FATF جي گهرجن جي تعميل  ڪري  رھيو آھي.

هندستان FATF کي جيڪي مثال ڏنا آھن  انھن ۾ واضح طور تي معلومات جي ذريعن جي نشاندهي نه ڪئي آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڳالھھ تي ڌيان ڏنو آهي تھ ڪيئن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش خراسان جهڙا دهشتگرد گروپ غير رسمي بينڪنگ سسٽم  جو استعمال ڪري ۽ ڀنگ لاءِ اغوا ڪري  فنڊ گڏ ڪن ٿا.

اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان واضح طور تي چيو آهي ته ان جي معلومات جو ذريعو نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي آهي، ايئن ان جي رپورٽ وڌيڪ اعتبار جوڳي لڳي ٿي.هندستان ۽ پاڪستان جي نقطه نظر ۾ واضح فرق آهي. جتي هندستان اڃان بھ دهشتگردي جي باري ۾ پنهنجي بيانئي کي سفارتي هٿيار طور استعمال جاري رکي ٿو، اتي پاڪستان اهو ڏيکاري رهيو آهي ته اهو آھستي آھستي ادارتي اعتبار ۽ ريگيوليٽري تعميل ذريعي پاڻ کي تبديل ڪري رھيو آھي.۽ پنھنجو تشخص بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اڄ جي بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جو وڌيڪ محتاط ۽ قابل اعتماد انداز فڪر  مستقل فائدن جو سبب بڻجندو.

هندستاني ميڊيا ادارن FATF جي نتيجن کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو آهي. تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي اهو غلط نتيجو ڪڍيو ويو ته پاڪستان FATF جي شرطن جي تعميل نه ڪري رهيو آهي ۽ . FATF نه ته پاڪستان جي خلاف ڪا تنبيھ جاري  ڪئي آهي ۽ نه ئي موجوده تعميل جي قدمن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان جي دھشتگردي روڪ جي مالي مدد جي ڪوششن کي  ايف اي ٽي ايف ، جي ميمبر ملڪن ساراهيو آهي.

دلچسپ ڳالهه ھي آهي ته جيئن جئين  دنيا جو دهشتگردي بابت ھندستاني  بيانيئي تان  اعتماد کڄندو پيو وڃي، تئين پاڪستان هاڻي پنهنجي اڳواڻي حڪمت عملي تي ھلندي  ۽ پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ جو ذميوار  هندستان  کي قرار ڏئي رهيو آهي. پر هندستاني بيان بازي جي پيروي ڪرڻ بدران، پاڪستان لاءِ پنهنجو اسٽريٽجڪ پلان تيار ڪرڻ وڌيڪ فائديمند ٿيندو.موجوده جاگرافيائي سياسي ماحول پاڪستان جي حق ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ان مان مڪمل طور تي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ، پاڪستان کي مسلسل ۽ قابل اعتماد ڪوششن ذريعي دهشتگردي ۽ بغاوت کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهو هڪ جوابي بيانيه ٺاهڻ کان اڳتي وڌندو ۽  ٻنھي ملڪن وچ ۾ فرق معني ڀري انداز ۾ چٽو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.