ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي عوام سخت تنقيد ڪري رهيو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار جتي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، اتي ئي نواز شريف جي هڪ پراڻي وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي.
ان وڊيو ۾ نواز شريف چئي رهيو آهي ته پيٽرول جا اگهه رات جي اونداهي ۾ وڌايا ويا آهن، رات جي اونداهي ۾ ته ڌاڙا لڳندا آهن، هي عوام کي کيسن تي تمام وڏو ڌاڙو آهي.
هڪ واهپيدار اها وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ميان نواز شريف جو اهو اصولي موقف اڄ شهباز شريف سرڪار طرفان تيل اگهن ۾ واڌ تي به يقيني هجڻ گهرجي.
Next Post
You might also like