4 ڪروڙ 78 لک ڊالرن جي ڪرپشن، چين ۾ اعليٰ عهديدار کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ عدالت ڪميونسٽ پارٽي تبت جي اڳوڻي سربراهه کي لڳ ڀڳ 50 ملين ڊالر جي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ جي انٽرميڊيٽ ڪورٽ اربع ڏينهن وي چيٽ تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته وو ينگ جي 2016 کان 2021 تائين خود مختيار علائقي تبت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو.
عدالت جي بيان موجب ان دوران هن غير قانوني طور 343 يوان (4 ڪروڙ 78 لک ڊالر) رشوت وصول ڪئي.
عدالت وڌيڪ چيو ته ان عهديدار جا اها ڏوهه خاص طور تي سنگين هئا ۽ انهن جا سماجي اثر به گهڻا ناڪاري هئا، اهي ڏوهه ملڪ ۽ عوام لاءِ خاص طور تي ڳري نقصان جو ڪارڻ بڻيا.
عدالت چيو ته وو ينگ جي کي ٻن سالن جي مهلت ان وقت ڏني وئي، جڏهن هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي قدمن جا اهي تفصيل ٻڌايا، جيڪي ان کان اڳ اختيارين جي علم ۾ نه هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.