اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ آمريڪي ماڊل اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻ رجسٽريشن نمبر گاڏي نه پر مالڪ کي جاري ٿيندو.
پڌرائيءَ موجب ايڪسائز کاتو ٽرانسفر ٿيندڙ گاڏي کي به نئون نمبر جاري ڪندو، پراڻي گاڏي خريدڻ تي مالڪ جي نالي نئون رجسٽريشن نمبر جاري ٿيندو، گاڏي کي جاري ٿيندڙ نمبر مستقل طور مالڪ سان جڙيل هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب گاڏي نه به هجي ته به مالڪ هڪ سال تائين نمبر پاڻ وٽ رکي سگهندو، رجسٽريشن نمبر ڪنهن گاڏي تي نه لڳي ته هڪ سال کانپوءِ رد ٿي ويندو.
نوٽيفڪيشن ڊي جي اسلام آباد ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن طرفان جاري ڪيو ويو آهي، ملڪيتي نمبر پليٽ جو فيصلو نئين ۽ پراڻي سڀني گاڏين تي لاڳو ٿيندو.
You might also like