ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر صوبائي حڪومت کان اجرڪ واري نمبر پليٽ بنا معاوضي ۽ تحفي طور ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
صحافين سان گفتگو ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته اجرڪ سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ عزت جي علامت آهي، جيڪا سدائين تحفي طور ڏني ويندي آهي.
هن چيو ته روايتن جي احترام ۾ اجرڪ واري نمبر پليٽ بنا معاوضي تحفي طور ڏني وڃي.
اجرڪ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي علامت آهي، نمبر پليٽ تحفي طور ڏني وڃي: ڪامران ٽيسوري
You might also like