چوماسي برساتون: ملڪ ۾ 53 ٻارن سميت 111 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي انگن اکرن موجب جون جي آخر کان هيل تائين پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن سبب 111 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب 26 جون کان 14 جولاءِ تائين اين ڊي ايم اي جي انگن اکرن مان خبر پئي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ فوتگيون بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيون، ان کانپوءِ ٻيو سبب اوچتو ٻوڏ اچڻ هو.
اين ڊي ايم اي پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 53 ٻارن سميت 111 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.